منهاس هٿان سوريا ونشيءَ جو تيز ترين سينچريءَ وارو رڪارڊ چٽ، پاڪستان زمبابوي کي هارائي ٽه ملڪي سيريز کٽي ورتي

هراري (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽه ملڪي انڊر 19 ون ڊي سيريز ۾ زمبابوي کي 9 وڪيٽن سان هرايو ۽ ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.
هراري ۾ کيڏيل فيصلائتي ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو ٽيم لاءِ فائديمند ثابت ٿيو.
زمبابوي پهريان بيٽنگ ڪندي 45 هين اوور ۾ 158 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
پاڪستاني بالر عمر زيب شروعاتي اوورن ۾ ئي زمبابوي جي ٽاپ آرڊر کي آئوٽ ڪري ميچ تي پڪڙ مضبوط ڪري ورتي، رڳو 15 رنسن جي مجموعي اسڪور تي زمبابوي جي اڌ ٽيم پويلين ڏانهن رواني ٿي چڪي هئي.
ان کان پوءِ مائيڪل بلگناٽ 60 رنسن جي ذميواراڻي اننگز کيڏي، جڏهن ته ٽٽنڊا چيموگورو ناٽ آئوٽ 28 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان عمر زيب چئن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، عبدالسبحان ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته محمد صيام، دانيال علي خان ۽ احمد حسين هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
پاڪستان 159 رنسن جو هدف سمير منهاس جي 114 رنسن جي جارحاڻي اننگز جي مدد سان 17 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.
سمير منهاس 42 بالن تي سينچري اسڪور ڪري ڀارتي اوپنر ويڀَو سورياونشي جو انڊر 19 ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين سينچريءَ وارو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو، سندس اننگز ۾ 17 چوڪا ۽ پنج ڇڪا شامل هئا، جڏهن ته محمد شايان 38 رنسون ٺاهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.