ڪراچي: واردات دوران شهري جي فائرنگ ۾ ڦورو مارجي ويو، ساٿي عورت گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ ڦر دوران مزاحمت تي شهري جي فائرنگ ۾ ڦورو مارجي ويو، پوليس مارجي ويل ڦورو سان گڏ واردات ڪندڙ عورت کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار، روڪ رقم، موبائل فون، منشيات ۽ ٻيو سامان برآمد ڪري ورتو.
اڱاري جي صبح نارٿ ناظم آباد لنڊي ڪوتل چورنگي ڀرسان شهري جي فائرنگ ۾ مبينا ڦورو مارجي ويو، جڏهن ته مارجي ويل ڦورو سان گڏ موجود جوابدار عورت کي پوليس موقعي تي پهچي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب لنڊي ڪوتل چورنگي ڀرسان ڪار سوار معيد خان ميوا خريدڻ لاءِ پنهنجي گاڏي مان لٿو ته موٽر سائيڪل سوار مرد ۽ عورت هٿيارن جي زور تي کانئس روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٿيلهو ڦري فرار ٿيڻ لڳا، جنهن تي معيد خان لائسنس يافتا هٿيار سان فائرنگ ڪري ڏني.
ان دوران جوابدار طرفان به فائرنگ ڪئي پئي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڦورو مارجي ويو، جڏهن ته پوليس موقعي تي پهچي فرار ٿيندڙ عورت کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس ٻڌايو ته مارجي ويل ڦورو ۽ گرفتار عورت جي قبضي مان هٿيار، روڪ رقم، موبائل فون، آئس ۽ ٻيو سامان برآمد ڪيو ويو.
پوليس موجب مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ رضوان ۽ گرفتار عورت جي سڃاڻپ شمع زال ابراهيم جي نالي سان ٿي، ٻئي آئس جو نشو ڪندڙ ۽ نشو پورو ڪرڻ لاءِ وارداتون ڪندا هئا، گرفتار عورت پڇا ڳاڇا دوران وارداتن جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.