سخت ڪوهيڙي سبب لاهور کان ڪراچي ايندڙ ٻن بسن ۽ ڪار ۾ ٽڪر، 12 ڄڻا زخمي

ٽبه سلطان پور (ويب ڊيسڪ) لاهور کان ڪراچي ايندڙ ٻن بسن ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪار ڊرائيور سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ٽبه سلطان پور جي علائقي ميتلا چوڪ ۾ سخت ڪوهيڙي سبب ٻن بسن ۽ هڪ ڪار ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ڊرائيور سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو.
حادثي جو شڪار ٿيندڙ ٻئي بسون مسافرن کي کڻي لاهور کان ڪراچي اچي رهيون هيون، جڏهن ته ڪار بهاولپور ڏانهن سفر ڪري رهي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.