ڪراڪس(عوامي آواز رپورٽ)آمريڪا ۽ وينزويلا وچ ۾ لاڳاپا تڏهن کان خراب ٿيڻ شروع ٿيا جڏهن هوگو شاويز 1999ع ۾ وينزويلا جو صدر بڻيو،شاويز پاڻ کي کلي طرح سوشلسٽ ۽ سامراج مخالف قرار ڏيندو هو۔هن افغانستان ۽ عراق تي آمريڪي حملن جي مخالفت ڪري آمريڪا کي ناراض ڪيو:آمريڪا اندر، خاص طور تي ريپبلڪن پارٽي جي سخت ڌر لاءِ وينزويلا جي سوشلسٽ حڪومت۽ ان جو اتحادي ملڪ ڪيوباآمريڪا جا “قدرتي دشمن” بڻجي ويا۔ٽرمپ جو چوڻ آهي ته ”اولهه واري گولي ۾ آمريڪي بالادستي هاڻي ڪڏهن به سوال هيٺ نه ايندي.”گذريل مهينن ۾ آمريڪا ڏانهن منشيات ۽ ڏوهاري موڪلڻ آمريڪي تيل چوري ڪرڻ جا الزام هڻي ٽرمپ بار بار مادورو کي هٽائڻ جو مطالبو پرماهرن موجب انهن دعوائن جا ڪي به ثبوت ناهن،هي رڳو وينزويلا جو بحران ناهي پر پوري لاطيني آمريڪا لاءِ نئون خطرو آهي،ٻئي پاسي چيٿم هائوس جي عالمي قانون پروگرام جي ڊائريڪٽر مارڪ ويلر چيو ته نڪولس مادورو جي گرفتاري ۽ آمريڪا پاران ملڪ هلائڻ جي دعويٰ سنگين قانوني سوالن کي جنم ڏنو آهي،مادورو جي گرفتاري آمريڪا کي داغدار ڪيو،عالمي قانون ۾ طاقت جي استعمال جو ڪو قانوني جواز ناهي.