5 جنوري پاڪستان جي تاريخ جو اهو يادگار ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن قائدِ عوام، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنم ورتو. هو رڳو هڪ سياسي اڳواڻ نه پر عوام جي احساسن، خوابن ۽ جدوجهد جو نالو هو. ”ماني، ڪپڙا ۽ اجهو” جو نعرو ڏئي هن ملڪ جي غريب ۽ پورهيت طبقي کي زبان ڏني ۽ کين پنهنجي حقن لاءِ اٿي بيهڻ جو حوصلو بخشيو. شهيد ڀٽو عوامي سياست جو بنياد وڌو، آمرن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ پاڪستان کي هڪ خوددار، جمهوري ۽ ايٽمي طاقت بڻايو. سندس فڪر، فلسفو ۽ قرباني اڄ به هر اُن دل ۾ زنده آهي، جيڪا برابري، انصاف ۽ جمهوريت تي يقين رکي ٿي.
جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنياد رکيو ويو، تڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دل ۾ ڪي وڏا خواب، ڪي مثبت ۽ عوام دوست خيال ضرور جنم وٺي چڪا هئا. هو ڄاڻندو هو ته عوام جي نالي سان قائم ٿيندڙ پارٽي تڏهن ئي ڪامياب ٿي سگهي ٿي، جڏهن ان ۾ حقيقي عوامي شموليت يقيني بڻائجي۔
”ماني، ڪپڙا ۽ اجهو“ جو نعرو هجي يا ملڪ جي پڙهيل لکيل، نظرياتي قيادت کي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ، ذوالفقار علي ڀٽو وقت جي آمرن سان کليل جنگ جو اعلان ڪيو. هن عوام جي طاقت تي ڀروسو رکندي، ملڪ جي ترقي ۽ عوامي بهتريءَ لاءِ جدوجهد جو رستو اختيار ڪيو۔ سندس طلسماتي شخصيت، جهر جهنگ ۾ عوام تائين پهچڻ، ۽ ”ڪجهه ڪري ڏيکارڻ“ جي ارادي، وقت جي حڪمرانن کي هراسان ڪري ڇڏيو. نتيجي طور، هڪ آمر سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ۽ کيس ڦاهيءَ تي چاڙهي ڇڏيو پر خيال، نظريو ۽ جدوجهد کي ختم نه ڪري سگهيو۔
شهيد محترمه بينظير ڀٽو، پنهنجي والد جي مشن کي اڳتي وڌائيندي، آمرن خلاف ملڪ جي تاريخ جي وڏي تحريڪ ”ايم آر ڊي“ جي اڳواڻي ڪئي. ان تحريڪ دوران ڪارڪنن هزارين قربانيون ڏنيون ڪن قيد جون عقوبتون سٺيون، ڪن جلاوطني اختيار ڪئي،ڪن ڦاهين کي چميو ۽ ڪن پنهنجي سينن تي گوليون کائي به واعدي کان نه هٽيا۔
اهي سڀ قربانيون شهيد ڀٽو جي اُن نعري ۽ عوامي واعدي سان وفاداريءَ جو زنده ثبوت آهن. انهن ڪارڪنن، همدردن ۽ ووٽرن جي جدوجهد جو ئي نتيجو هو، جو وقت جا وڏا وڏا رئيس، ڀوتار، پير، مير ۽ نواب، پيپلز پارٽيءَ جي حمايت يافته اميدوارن آڏو شڪست کاڌي ويٺا۔ سنڌ توڙي سڄي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پيپلز پارٽي ٻيهر هڪ عوامي پارٽي طور اڀري آئي۔ محترمه بينظير ڀٽو کي وزارتِ عظميٰ جي منصب تي ويهاري، عوام اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته عوام جي طاقت آڏو سڀ طاقتون بيڪار ۽ بي معنيٰ آهن.