جيڪب آباد ۾ ٿُڪ اڇلائڻ تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 11 ڄڻا زخمي

جيڪب آباد(ڊ ر) جيڪب آباد ۾ ٿُڪ اڇلائڻ جي معاملي تان ڀنگر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ عورت سميت 11 ڄڻا  زخمي خبر موجب جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ عطر ڀنگر ۾ ٿڪ اڇلائڻ جي معمولي ڳالهه تان عبدالنبي ۽ خير محمد ڀنگر جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا عبدالنبي راشد علي مختيار علي نديم احمد عبدالرزاق ڪوڙا خان عطر خان راحب علي مسمات حسينا سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ٽن ڄڻن عبدالنبي عبدالرزاق ۽ مختيار ڀنگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي موڪليو ويو آهي پوليس ٻنهي ڌرين جي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي زخمي ٿيل سلطان ۽ عطر ڀنگر ٻڌايو ته اسان جي سامهون ٿڪ اڇلائڻ جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن پوليس اسان جي ماڻهن کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي، ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته ڀنگر برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو نتيجي ۾ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي ليٽر ڏئي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ اچڻ کان پوءِ واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.