ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي مهراڻ ٽائون ۾ سيوريج جي کوهه جي ڇت ٽٽڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 5 ڄڻا ڪِري پيا، جن کي زخمي حالت ۾ ڪڍي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.
مهراڻ ٽائون سيڪٽر 6 ۾ سيوريج جي کوهه ۾ 5 ڄڻا ڪِري پيا، جن ۾ 40 ورهين جي دلشاد زال شوڪت، 55 ورهين جي شميم، 60 ورهين جو اعظم خان، 15 ورهين جي مريم ۽ 12 ورهين جو عثمان شامل آهن.
واقعي کانپوءِ علائقي واسي وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون، ان دوران ريسڪيو، ايڌي عملي ۽ پوليس کي به طلب ڪيو ويو.
وڏي ڪوششن کانپوءِ سڀني کي کوهه مان ڪڍي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ عورت جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
علائقي واسين موجب حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ آيا هئا، گاڏي جي وزن سان کوهه جي ڇت ٽٽي پئي ۽ گاڏي مان لهندي ئي سمورا ماڻهو کوهه ۾ ڪِري پيا.
You might also like