پشاور (ويب ڊيسڪ) لڪي مروت ۽ بنون ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ 4 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.
لڪي مروت پوليس جي ترجمان موجب سرائي نورنگ شهر ۾ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار دهشتگردن فائرنگ ڪئي، جنهن سان ڊيوٽي تي مقرر 3 ٽريفڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، جن ۾ ٽريفڪ پوليس انچارج جلال خان، ڪانسٽيبل عزيز الله ۽ ڪانسٽيبل عبدالله شامل آهن.
هوڏانهن بنون پوليس ٻڌايو ته منڊان ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو، ڪانسٽيبل رشيد خان گهر کان منڊان ٿاڻي ڊيوٽي تي وڃي رهيو هو ته کيس نشانو بڻايو ويو.
You might also like