آمريڪا جا وينزويلا تي حملا، صدر مادورو ۽ سندس گهرواري گرفتار، فرد جرم لاڳو

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا وينزويلا خلاف وڏي پيماني تي حملا ڪيا آهن ۽ ان جي صدر نڪولس مادورو ۽ سندس گهرواري کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽرٿ سوشل“ تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا ڪاميابي سان وينزويلا ۽ ان جي اڳواڻ نڪولس مادورو خلاف وڏي پيماني تي ڪارروائي ڪئي آهي، صدر مادورو ۽ سندس گهرواري کي گرفتار ڪري ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته اهو آپريشن آمريڪي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سهڪار سان ڪيو ويو، وڌيڪ تفصيل جلد سامهون ايندا.
هوڏانهن آمريڪا جي اٽارني جنرل پم بانڊي چيو آهي ته مادورو ۽ سندس گهرواري تي نيو يارڪ جي سدرن ڊسٽرڪٽ ۾ منشيات ۽ هٿيارن جي الزامن تحت فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.