برزل پاس ۾ برفاني ڇِپ ڪرڻ سان ڪيپٽن ۽ سپاهي سميت 3 ڄڻا شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان ۾ برزل پاس تي برف هٽائڻ دوران برفاني ڇِپ ڪرڻ سبب پاڪ فوج جي ڪيپٽن سميت 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب برزل پاس ۾ برف هٽائڻ جي آپريشن دوران ڇِپ ڪري پئي، شهيد ٿيندڙن ۾ ڪيپٽن اسمد، سپاهي رضوان ۽ مشين آپريٽر شهري عيسيٰ شامل آهن، برف هٽائڻ جو آپريشن ڪيپٽن اسمد جي نگراني ۾ جاري هو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته 28 ورهين جي ڪيپٽن اسمد جو واسطو لاهور ۽ سپاهي رضوان جو واسطو اٽڪ سان هو، جڏهن ته شهيد مشين آپريٽر عيسيٰ جو واسطو استور سان هو.
آءِ ايس پي آر موجب 3 جنوري جي رات ٻه وڳي آپريشن دوران برفاني ڇپ ڪري، ٽنهي ڄڻن خراب موسم ۾ فورسز جي آپريشنل چرپر لاءِ آپريشن دوران حياتي قربان ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.