ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي اتحاد ٽائون ۾ مني بس جي ٽڪر ۾ 5 ورهين جو ٻارڙو فوت ٿي ويو.
فوتي ٻار جي سڃاڻپ برهان جي نالي سان ٿي، جڏهن ته حادثي کانپوءِ جوابدار ڊرائيور فرار ٿي ويو.
پوليس ٻڌايو ته مني بس کي قبضي ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار جي ڳولا جاري آهي.