ڀارت جي خاموشي، ايشيا ڪپ جي ٽرافي ڪٿي؟ محسن نقوي ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي صدر محسن نقوي ايشيا ڪپ 2025 جي ٽرافي بابت جاري بحث تي مختصر ردعمل ڏنو آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صحافين پڇيو ته ايشيا ڪپ 2025 جي ٽرافي هن وقت ڪٿي آهي، جنهن تي محسن نقوي مُرڪندي چيو ته ”جتي به آهي، محفوظ آهي.“
ذريعن موجب، تازو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي اجلاس ۾ ايشيا ڪپ جي ٽرافي بابت ڪا به اڳڀرائي نه ٿي.
اجلاس دوران بي سي سي آءِ طرفان به ان معاملي تي ڪو سوال يا موقف سامهون نه آيو ۽ آءِ سي سي بورڊ گڏجاڻين جي باظابطا ايجنڊا ۾ به ايشيا ڪپ جي ٽرافي شامل نه هئي، جنهن سبب ان حوالي سان گردش ڪندڙ خبرون رڳو افواهه قرار ڏنيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.