ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي کي تنقيد ۽ تعصب جي آڙ ۾ نظرانداز ڪيو ويو، بلاول ڀٽو طرفان ڪمان سنڀالڻ کانپوءِ بهتري آئي.
صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته پ پ جو هر ڪارڪن ڪراچي جي خدمت ۾ مصروف آهي، اسان ماڻهن کي سهولتون ڏئي رهيا آهيون، پ پ جو واعدو آهي ته ترقي جو سفر جاري رهندو.
هن چيو ته ميئر وٽ اختيارن جي کوٽ ناهي هوندي، اصل ڳالهه وسيلن جي آهي، وزيراعظم مون کي پيسا نه پيو ڏئي.
You might also like