ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي کي تنقيد ۽ تعصب جي آڙ ۾ نظرانداز ڪيو ويو، بلاول ڀٽو طرفان ڪمان سنڀالڻ کانپوءِ بهتري آئي.
صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته پ پ جو هر ڪارڪن ڪراچي جي خدمت ۾ مصروف آهي، اسان ماڻهن کي سهولتون ڏئي رهيا آهيون، پ پ جو واعدو آهي ته ترقي جو سفر جاري رهندو.
هن چيو ته ميئر وٽ اختيارن جي کوٽ ناهي هوندي، اصل ڳالهه وسيلن جي آهي، وزيراعظم مون کي پيسا نه پيو ڏئي.