ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) کاٻي ڌر جي ناليواري دانشور، ليکڪ احمد خان جمالي چيو آهي ته حب الوطني ڪنهن جي چوڻ يا تبليغ جي محتاج نه آهي، پر رڳو انهن انسانن جو ڏاج ۽ قومن جي سونهن هوندي آهي جتي وطن واسين جا بنيادي انساني حق محفوظ هجن ۽ زندگي سان لاڳاپيل سموريون سهولتون ميسر هجن، يا وري انهن دستياب قومي حقن ۽ مليل محفوظ سهولتن جي کسجي وڃڻ جو خطرو ۽ خوف هجي. سوشل ميڊيا تي تبصرو ڪندي سندس چوڻ هو ته محفوظ ۽ غير محفوظ جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ ڊپ ، خوف، ذهني ڪيفيت ۽ ظاهر ٿيندڙ رد عمل جو ٻيو، سهڻو ۽ جامع نالو حب الوطني آهي.