مهانگائي پيڇو نه ڇڏيو، واپاري خسارو 19 ارب ڊالر کان وڌي ويو، برآمد ۾ گهٽتائي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جو واپاري خسارو پريشان ڪندڙ حد 19 ارب ڊالر کان وڌي ويو آهي. هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ واپاري خسارو بي قابو ٿي ويو آهي، جنهن حڪومت جي معاشي بهتري جي دعوائن تي سواليه نشان لڳائي ڇڏيو آهي. شماريات بيورو موجب، جولاءِ کان ڊسمبر تائين برآمدات ۾ 8.7 سيڪڙو گهٽتائي آئي، جڏهن ته جولاءِ کان ڊسمبر تائين درآمدات ۾ 11.28 سيڪڙو واڌ ٿي. شماريات بيورو جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ برآمدات 15.18 ارب ڊالر کان وڌيڪ هيون، جڏهن ته گذريل مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن  ۾ درآمدات 34.38 ارب ڊالر کان وڌيڪ رڪارڊ ڪيون ويون. شماريات بيورو موجب، گذريل مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ برآمدات 16.63 ارب ڊالر کان وڌيڪ هيون، جڏهن ته گذريل مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ درآمدات 30.90 ارب ڊالر هيون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جي ڊسمبر ۾ برآمدات گذريل سال جي ڊسمبر جي مقابلي ۾ 20 سيڪڙو گهٽجي ويون. رپورٽ موجب، گذريل سال جي ڊسمبر جي مقابلي ۾ هن سال جي ڊسمبر ۾ درآمدات ۾ 2 سيڪڙو واڌ ٿي. گذريل سال ڊسمبر جي مقابلي ۾، هلندڙ مالي سال جي ڊسمبر ۾ برآمدات 20 سيڪڙو گهٽجي ويون آهن، جڏهن ته درآمدات ۾ 2 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هوڏانهن سال جي آخري هفتي ۾ به مهانگائي نه رڪجي سگهي، جنهن جو نئين سال تي به اثر رهيو، هفتي دوران ڪڪڙ، اٽو، گيهه سميت 12 شيون مهانگيون ٿي ويون. 2025 جي آخري هفتي ۾ مهانگائي جي صورتحال بابت هڪ رپورٽ سامهون آئي آهي. شماريات بيورو جي تازي رپورٽ موجب ملڪ ۾ هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح ۾ 0.67 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته سالياني مهانگائي جي شرح 2.41 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. رپورٽ موجب، گذريل هفتي 12 شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي جڏهن ته 13 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي. وڌندڙ قيمتن ۾ ڪڪڙ 10.08 رپيا في ڪلو، ڪڻڪ جي اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي 41 رپين کان وڌيڪ، ٽماٽا 1.01 رپيا في ڪلو وڌيا آهن، ٻيون شيون جيڪي مهانگيون ٿيون آهن انهن ۾ گيهه ۽ ڪاٺيون شامل آهن.  پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ٿيڻ جو خوراڪ جي شين تي اثر نه پيو، ڀاڙا به ناهن گهٽايا ويا، 2022-23 ۾ پاڪستان جو رڪارڊ واپاري خسارو تمام گهڻو هو. ان دوران، پاڪستان جو واپاري خسارو تقريباً 33.8 بلين ڊالر تائين پهچي ويو. هي خسارو ملڪ جي درآمدات ۽ برآمدات ۾ فرق جي ڪري هو. پاڪستان جون درآمدات وڌيڪ هيون جڏهن ته برآمدات گهٽ هيون، جنهن جي نتيجي ۾ هي خسارو پيدا ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.