دادو(رپورٽ: غوث جھتيال) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي اهم ٻڌڻي ٿي، جتي عدالت ڪيس جي ڪارروائي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران ڪيس آخري مرحلي ۾ داخل ٿيڻ سبب فريادي ڌر جي وڪيل پاران فائينل آرگيومينٽس جاري رهيا عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيس جي پيروي ڪندڙ ام رباب چانڊيو چيو ته هي ڪيس صرف سندس گهر تائين محدود ناهي، پر هي هر ان مظلوم جو ڪيس آهي، جنهن تي بااثر جاگيردارن ظلم ڪيا آهن، سندس گهر جا ٽي ڀاتي قتل ٿي چڪا آهن ۽ جنازا ڪڍيا ويا، ان باوجود هو آئين ۽ قانون تي مڪمل يقين رکن ٿا، هو ڪيترن ئي سالن کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن، جيئن اهو ثابت ڪري سگهجي ته عدالتون مظلومن جو آواز آهن، ام رباب چيو ته ڪيس هاڻي آخري مرحلي ۾ آهي، وڪيلن پاران فائينل دليل ڏنا پيا وڃن، اميد آهي ته جلد فيصلو ايندو، عدالت پاران ڪيس جي جلد کان جلد حاضري رکڻ جو مقصد به اهو آهي ته ڪيس جي آخري مرحلي کي مڪمل ڪري فيصلو محفوظ ڪيو وڃي، ٻئي پاسي جوابدار ڌر مان ايم پي اي سردار خان چانڊيو به عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فريادي ڌر جي وڪيلن جا فائينل ڪمينٽس اڄ مڪمل ٿيندا ۽ ڪيس جو فيصلو جج ڪندو، شاهديون سڀني جون مضبوط آهن، فيصلو ڪرڻ وارو جج آهي، هو پاڻ فتويٰ نه ڏيندو، هن چيو ته تمندارن جي ڪائونسل ڪير پيو ٺاهي، انهن مان ته هڪ شخص سندن گڏ بيٺو آهي، مخالف ڌر جيڪي الزام هڻي رهي آهي، انهن کي گهرجي ته کين شاهد طور عدالت ۾ پيش ڪن ۽ ثابت ڪن ته ڪنهن کي ڪهڙيون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، فريادين جو ڊرامو کٽڻ وارو ناهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.