بابر اعظم 120 اسٽرائيڪ ريٽ سان کيڏي ٿو، محسوس ٿيندو آهي ٽيم جو نقصان پيو ٿئي: شان ايبٽ

سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي فاسٽ بالر شان ايبٽ پاڪستاني اسٽار بيٽر بابر اعظم کي آئوٽ نه ڪري سگهڻ تي مايوسيءَ جو اظهار ڪندي مزاحيه انداز ۾ چيو آهي ته هو بابر خلاف بالنگ ڪري ڪري بيزار ٿي چڪو آهي.
شان ايبٽ 29 ون ڊي ۽ 28 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، پر ڪيترائي ڀيرا دوبدو ٿيڻ باوجود به هو اڃا تائين بابر اعظم کي وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ آئوٽ نه ڪري سگهيو آهي.
انگن اکرن موجب، شان ايبٽ جي ون ڊي انٽرنيشنل ۾ ڪيل 48 بالن تي بابر اعظم 40 رنسون ٺاهيون آهن، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ۾ آسٽريلوي بالر بابر اعظم کي 12 بال هلايا، جن تي پاڪستاني بيٽر 8 رنسون ٺاهيون.
ٻئي هن وقت بگ بيش ليگ ۾ سڊني سڪسر جي نمائندگي ۽ هڪ ئي ڊريسنگ روم شيئر ڪري رهيا آهن، ان باوجود شان ايبٽ بالنگ کي مشڪل قرار ڏنو.
هڪ انٽرويو ۾ شان ايبٽ پاڪستاني ڪرڪيٽر جي واکاڻ ڪندي مزاحيه انداز ۾ چيو ته” بابر توهان جي خلاف اتي اسڪور ڪندو جتي هو چاهيندو آهي، مان کيس بالنگ ڪري ڪري بيزار ٿي چڪو آهيان.“
هن چيو ته ”فرنچائز ڪرڪيٽ هجي يا عالمي ڪرڪيٽ، مون کي ياد ناهي ته مان ڪڏهن کيس آئوٽ ڪيو آهي، ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ته هوريان هوريان نقصان ٿي رهيو آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته اسڪور بورڊ تي نظر ڊوڙائڻ سان پتو پوي ٿو ته بابر 120 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان کيڏي رهيو آهي ۽ محسوس ٿيندو آهي ته توهان کيس آئوٽ ڪرڻ جي ويجهو به نه آهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.