اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر اندرابي چيو آهي ته اسان ون چائنا پاليسي تي بدستور عمل پيرا آهيون ۽ تائيوان کي چين جو ناقابلِ تقسيم ۽ اڻٽٽ حصو تسليم ڪيون ٿا.
تائيوان بابت تازي اڳڀرائي جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ ترجمان طاهر اندرابي چيو ته پاڪستان ۽ چين مضبوط دوست ۽ هر موسم جي اسٽريٽيجڪ سهڪار جا ڀائيوار آهن.
ترجمان چيو ته پاڪستان چين جي بنيادي مفادن سان لاڳاپيل سمورن معاملن سميت تائيوان تي پنهنجي مستقل حمايت جو عزم ورجائي ٿو.
ياد رهي ته نئين سال جي موقعي تي خطاب ۾ چيني صدر چيو هو ته چين لاءِ تائيوان جو ٻيهر الحاق اڻٽر آهي ۽ ان کي روڪي نٿو سگهجي.
You might also like