ايران ۾ جاري احتجاجي تحريڪ دوران وڌيڪ گرفتاريون، سرڪاري ميڊيا خاموش

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران ۾ جاري احتجاج دوران ايراني سيڪيورٽي فورسز پهرين جنوريءَ تي مختلف صوبن ۾ ڪارروايون ڪندي ڪيئي شهرين گرفتار ڪري ورتو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، تهران جي اولهندي علائقي ملارد ڪائونٽي ۾ اختيارين طرفان 30 ڄڻن کي ”شهرين جي قانوني احتجاجي حق“ جي غلط استعمال ۽ امن امان جي صورتحال متاثر ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موب، اتر البرز صوبي ۾ اختيارين 14 ڄڻن کي گرفتار ڪيو، جن تي الزام آهي ته هو ڌماڪيدار مواد ۽ پيٽرول بم ٺاھڻ جو ڪارخانو هلائي رهيا هئا، مقامي ميڊيا موجب، هي گروپ منظم ۽ تربيت يافتا هو.
رپورٽ موجب، احتجاجي تحريڪ دوران لرستان صوبي ۾ ويهه مبينا شدت پسند مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو ، جتي احتجاج ڪندڙن مبينا طور حڪومت مخالف نعرا هنيا ۽ سيڪيورٽي فورسز تي پٿراءُ ڪيو.
ٻئي پاسي رياستي نشرياتي اداري ملڪ ۾ جاري احتجاج کي مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.
ايران جي سرڪاري ٽيليويزن ۽ رڊيو گذريل ڏينهن واري احتجاجي مظاهرن جو ذڪر صبح واري بليٽنز ۾ نه ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.