اسلام آباد(حماد حسن)سال 2025 دوران پاڪستان ۾ تمام وڏيون ۽ تيز تبديليون ڏسڻ ۾ آيون۔ انهن تبديلين مان ڪجهه منفي آهن ۽ ڪجهه مثبت، جيڪڏهن جمهوري حوالي سان ڏٺو وڃي ته پاڪستان هڪ انچ به اڳتي ناهي وڌيو۔ پارليامينٽ اڃا تائين ڪمزور آهي، آئين ۽ قانون جي بالادستي بلڪل به نظر نٿي اچي جيڪڏهن ڪجهه حاصل ٿيو آهي ته اهي 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمون آهن، جن اسان جي جمهوري عمل کي وڌيڪ ڪمزور ڪيو آهي۔27هين ترميم بابت اهو شور به آهي ته اها رستي ۾ آهي ۽ ان مان ڇا ڇا نڪرندو؟ انهن ترميمن مان استثنا نڪتو، سي ڊي ايف نڪتو، فيلڊ مارشل جو عهدو نڪتو۔ اهي سڀ شيون نڪتيون، جن جمهوريت، سياست ۽ آئين کي ڪو فائدو ڏيڻ بدران غير سياسي قوتن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو۔پر ڪجهه شيون اسان کي تمام سٺيون به مليون۔سڀ کان وڏي ڪاميابي جيڪا اسان کي ملي، اها مئي مهيني ۾ “آپريشن بنيان المرصوص” هئي۔ اهو هندستان، جيڪو سعودي عرب کان به وڏو آهي، جنهن وٽ جديد ترين ٽيڪنالاجي آهي، رافيل جهاز آهن، ايس-400 سسٽم آهي، پندرهن لک کان وڌيڪ فوج آهي، جنهن بنگلاديش جهڙو سانحو اسان تي مسلط ڪيو، ڪارگل تي چڙهائي ڪئي، ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ڪيو،ان هندستان جو غرور مٽيءَ ۾ ملايو ويو۔صرف ڪجهه ڪلاڪن اندر هي آپريشن ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هو، ۽ پوري هندستان کي لوڏي ڇڏيوهاڻي جيڪڏهن هندستان هڪ قدم به اڳتي وڌائيندو ته ان کي هزار ڀيرا سوچڻو پوندو۔آمريڪي صدر به پاڪستان جو غير رسمي سفير بڻجي دنيا آڏو ڳالهائڻ لڳو۔سفارتي حوالي سان به پاڪستان کي تاريخ جون وڏيون ڪاميابيون مليون۔آمريڪي سفير صبح شام وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جون تعريفون ڪرڻ لڳا۔ يقيناً ان جي پٺيان ٻين ملڪن جا مفاد به آهن، پر مفاد هميشه هوندا آهن۔پر سوال اهو آهي ته ڇا افغان جنگ دوران ضياءُ الحق جي ايتري تعريف ٿي هئي؟ڇا نيٽو جي دور ۾ مشرف جي اهڙي واکاڻ ٿي هئي؟اهو صرف مفادن جو معاملو ناهي، پاڪستان جون ڪاميابيون به حقيقي آهن۔هاڻي جيڪڏهن پاڪستان انهن ملڪن جي ويجهو اچي رهيو آهي ته پاڪستان به پنهنجا مفاد حاصل ڪندو—جديد ٽيڪنالاجي، نوان جهاز، آرٽيفيشل انٽيليجنس، فوجي ضرورتون اهي سڀ شيون ملنديون۔انهن سفارتي ڪاميابين جي پٺيان آپريشن بنيان المرصوص ۽ ريئر ارٿ (Rare Earth) معدنيات به آهن۔قدرت پاڪستان جي زمين ۾ اهڙا خزانا رکيا آهن، جيڪي دنيا ۾ ڪٿي به ناهن۔ اهي جديد ٽيڪنالاجي ۾ استعمال ٿيندڙ شيون خاص طور خيبرپختونخواهه، فاٽا، مهمند، باجور، وزيرستان، گلگت بلتستان، بلوچستان ۽ پنجاب جي ڪجهه علائقن ۾ موجود آهن، جي ڊي پي گروٿ ريٽ پهريون ڀيرو 2010 کان پوءِ 6 سيڪڙو تي پهتو۔اڃا تائين انهن ڪاميابين جا فائدا عام ماڻهو تائين ناهن پهتا، ڇوته معيشت جي بحالي جا نتيجا اچڻ ۾ وقت لڳندو آهي۔پر جيڪڏهن ڪرپشن روڪي وڃي، گورننس بهتر ڪئي وڃي، نيون مارڪيٽون ڳوليون وڃن، ۽ سفارتڪاري بهتر ٿئي، ته اهي فائدا به عوام تائين پهچندا۔