پيپلز پارٽي ڪارونجهر جي معاملي تي ڊبل گيم ڪري رهي آهي\ايڊووڪيٽ وسند ٿري

ننگرپارڪر (غازي بجير) سنڌي هاري تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر طرفان ڪارونجهر بچايو ڪانفرنس ۽ ضلعي ٿرپارڪر جو ورڪرز ڪنوينشن روپلو ڪولهي يادگار، ننگرپارڪر ۾ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌي هاري تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جي چونڊ ڪئي وئي، عالم پاتاڻي صدر ۽ کئراج ڪولهي جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري درياءَ خان زئور، عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جي صدر ديال صحرائي، سنڌي ھاري تحريڪ جي نئون چونڊيل  ضلعي صدر عالم پاتاڻي، عوامي تحريڪ جو اڳواڻ اوڀايو جوڻيجو، ايڊووڪيٽ ديوتراءِ، عمر بجير، ڪرشن ميگھواڙ،   کينراج ڪولھي، نارائڻ سنڌي، دليپ ڀيل ۽ ٻين اڳواڻ خطاب ڪيو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته ڪارونجهر سنڌ جو ثقافتي ماڳ آهي، ڪارونجهر سنڌ جي تاريخ آهي، ڪارونجهر جي ڪٽائي سنڌ جي وجود تي حملو آهي، سنڌ جي ثقافت تي حملو آهي، سنڌي قوم پنهنجي ثقافت جي حفاظت ڪرڻ لاءِ پرامن جمهوري جدوجهد جاري رکي، ڪارونجهر جو هڪ پٿر به ڪورڻ سنڌ مٿان حملو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪارونجهر جي معاملي تي ڊبل گيم ڪري رهي آهي، هڪڙي پاسي بلاول زرداري چئي ٿو ته ڪارونجهرڪٽڻ نه ڏينداسين ته ٻي طرف بلاول جي سربراهي ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار ڪارونجهر جي ڪٽائي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي. وسند ٿري وڌيڪ چيو ته بلاول شهباز اتحادي سرڪار بدترين حڪمراني جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. پي آءِ اي کي چوري جو مال سمجهي ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪيو ويو آهي، پي آءِ اي جي وڪري کي ڪاميابي قرار ڏيندڙ حڪمران نااهل آهن، جيڪي ملڪ جا ادارا هلائڻ بدران وڪڻي رهيا آهن، ڪارونجهر جي وڪري جي ڊيل به ڪئي وئي آهي، ڪارونجهر سميت سنڌ جا ثقافتي ماڳ آمريڪا حوالي ڪرڻ جي ڳجهي ڊيل ڪئي وئي آهي، پنهنجي وسيلن ۽ وجود جي تحفظ لاءِ جدوجهد نه ڪنداسين ته هي حڪمران سموري سنڌ وڪڻي ڇڏيندا. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري درياءَ خان زئور چيو ته ڪيلن، ڪمند ۽ ٻين فصلن جا اگهه گهٽائي هارين جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي. حڪومتي سرپرستي ۾ جعلي زرعي دوائون وڪرو ڪري سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪيو ويو آهي، سنڌ توڙي وفاقي سرڪار سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ لاءِ هاري دشمن فيصلا ڪري رهي آهي، هاري ڪارڊ جي نالي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، هارين ڪارڊ جي پاليسي مطابق هارين کي ڪارڊ نه ملندو، حڪومت وٽ هارين جي رجسٽريشن ئي ڪونهي. ٻي پاسي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري وفد سميت ڪارونجهر بچايو فورم طرفان هلندڙ بک هڙتال ۾ شرڪت ڪئي. عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ ڪرشن ڪولهي جي وفات تي ٻه منٽ اٿي بيهي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ سنڌي هاري تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جي نئين چونڊيل باڊي کي سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري درياءَ خان زئور حلف کڻايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.