جيڪب آباد/ پنوعاقل (نمائندن وٽان) سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برسات سبب تباهي آئي، گهرن جون ڇتيون ڪري پيون، عورت ۽ 4 ٻارڙيون فوت ٿي ويون، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته جيڪب آباد ۽ پني عاقل ۾ تيز برسات کان پوءِ گهر ڊهي پيا، گهر ڊهڻ ۽ هڪ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب عورت ۽ 4 ٻارڙيون ملبي ۾ دٻجي فوت ٿي ويون، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، بلوچستان جي شهر ڊيرا مراد جمالي ۾ ڊگهي عرصي بعد پيل مينهن غريب پورهيت مٿان قيامت برپا ڪري ڇڏي، سندس زال ۽ ٻه معصوم نينگريون گهر ڊهڻ سبب فوت ٿي ويون، زوردار برسات سبب شهر جي ايپڪا ڪالوني ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو پيش آيو، سولنگي برادري سان تعلق رکندڙ پورهيت محمد پناھ سولنگي جو ڪچو گهر برسات جو بار برداشت نه ڪندي اوچتو ڪري پيو جنهن ۾ پورهيت جي زال ۽ سندس ٻه معصوم نياڻيون موقع تي ئي دٻجي فوت ٿي ويون، جڏهن ته محمد پناھ سولنگي، سندس پٽ ۽ هڪ ڌيءَ سخت زخمي ٿي پيا جنهن بعد گهر ڪھرام مچي ويو. متاثر پورهيت موجب روزانو ڏهاڙي تي محنت مزدوري ڪري پنهنجي ٻارن جو پيٽ پاليندو آهيان، پر نئين سال جي اچڻ کان اڳ ئي گهر ۾ زندگي جو ڏيئو وسامي ويو ۽ سندس خواب به ڀتين جي ملبي هيٺان دٻجي ويا آهن هن ضلعي انتظاميه ۽ حڪومتِ بلوچستان کان مطالبو ڪيو آهي ته سندس فوري مالي امداد، علاج جون سهولتون ۽ رهائش مهيا ڪئي وڃي، ٻيئ پاسي پني عاقل ڀرسان لال پير وٽ ڳوٺ اوگان بلو ۾ برسات سبب گل حسن بلو جي گھر جي ڇت ڪري پئي ڇت ڪرڻ سبب 2 معصوم ٻارڙيون دٻجي فوت ٿي ويون، گل حسن بلو موجب گذريل رات ٿيل برسات کان پوءِ گھر جي ڇت ڪري پئي جنھن سبب 2 معصوم ٻارڙيون فوت ٿي ويون آھن.