اسان هاڻي اعليٰ عدليه نه رهيا آهيون: جسٽس جمال مندوخيل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جسٽس جمال مندوخيل هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته اسان هاڻي اعليٰ عدليه نه رهيا آهيون. سپريم ڪورٽ نيب جي جوابدار عامر محمود جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جوابدارن جي صحيحن جي جاچ لاءِ فارنزڪ معائني جو حڪم ڏنو. سپريم ڪورٽ چيو ته 15 ڏينهن اندر فارنزڪ معائنو ڪيو وڃي ۽ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران ججن ۽ نيب پراسيڪيوٽر وچ ۾ دلچسپ لفظن جي ڏي وٺ ٿي. پراسيڪيوٽر ناصر مغل چيو ته دستخطن جي فارنزڪ معائني لاءِ عدالت کان اجازت وٺڻي پوندي، جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اسان فارنزڪ معائني جو حڪم ڏئي رهيا آهيون.جسٽس جمال مندوخيل پڇيو ته ڇا توهان هاڻي اسان کي عدالت نه ٿا سمجهو؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر جواب ڏنو، "جناب، توهان اعليٰ عدليه آهيو.” ان موقعي تي جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته هاڻي ڪا به اعليٰ عدليه ناهي. جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏنا ته نيب مڪمل طور تي خاموش آهي. اڄڪلهه نيب ڪيس به داخل نه ٿي رهيا آهن، جنهن تي پراسيڪيوٽر چيو، ڪير ڄاڻي ٿو نيب ڪجهه وقت لاءِ خاموش رهندو. ٻڌڻي دوران، جوابدار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جي مکيه جوابدار الزامن جو اعتراف ڪيو آهي. منهنجي اصيل کي مکيه جوابدار جي مائٽ هجڻ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو. نيب پراسيڪيوٽر پنهنجي دليلن ۾ چيو ته جوابدار شهرين سان 9 کان وڌيڪ معاهدا ڪيا آهن. ڪل ڪيس 6.5 ارب آهي، جڏهن ته جوابدار تي 87 ملين جو الزام آهي. جوابدار 1400 کان وڌيڪ شهرين کان پئسا وصول ڪيا. جوابدار معاهدن مان پنهنجا دستخط به هٽائي ڇڏيا. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جوابدار جي صحيحن جي جاچ ڪرڻي پوندي. هن پڇيو ته نيب ڪيسن ۾ جاچ جلد ڇو مڪمل نٿو ڪري؟ جنهن تي پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته جوابدار پاڻ اعترافي بيان ڏنو آهي.

  1. 2025ع ۾عدليه جي آزادي ختم،قانون جي حڪمراني جو زوال؟

اسلام آباد(مطيع الله جان+حسنات ملڪ) سال 2025 پاڪستاني عدليه لاءِ انتهائي خطرناڪ ۽ تباهه ڪندڙ سال رهيو.عدليه، جيڪا هڪ وقت ۾ طاقتور ادارو سمجهي ويندي هئي، هاڻي عملي طور تي طاقتور حلقن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ويٺي آهي.عدليه جو ڪردار جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ هئڻ گهرجي ها،پر بدقسمتي سان عدليه طاقتور حلقن سان گڏجي جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ جو ذريعو بڻجي وئي.2025 جي شروعات ۾ اميد هئي ته 26هين آئيني ترميم بعد جيڪا عدليه جي آزادي ختم ٿي هئي،شايد ان کي بحال ڪيو ويندو.پر حقيقت ان جي ابتڙ نڪتي جيڪا ٿوري گهڻي آزادي باقي هئي،اها به مڪمل طور ختم ٿي وئي.ججننه رڳو پنهنجو ادارو بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي،پر جيڪي اختيار بچائي سگهيا ٿي،اهي به پاڻمرادو وڃائي ويٺا.عدليه جي هن خودسپردگي جو آغازقاضي فائز عيسى جي دور کان ٿيو.اهو شخص جنهن بابت ڪڏهن چيو ويندو هو ته هو مزاحمت ڪندو، ساڳيو شخص طاقتور حلقن لاءِسهولتڪار بڻجي ويو.ايتري حد تائين جواڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار۽ مظاهر نقوي جهڙا ڪردار به قاضي فائز عيسى جي مقابلي ۾”فرشتا“ لڳڻ لڳا.جڏهن يحيٰ آفريدي چيف جسٽس بڻيو ته ماڻهن اميد ڪئي ته هو عدليه جي وقار کي بحال ڪندو،26هين ترميم جا اثر گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندو. پر عملي طور26هين ترميم خلاف ڪيس لڳائڻ کان پاسو ڪيو،2025ع دوران لڳ ڀڳ 53 جج مقرر ڪيا ويا. انهن مان گهڻا حڪومتي ۽ اسٽيبلشمينٽ جا پسنديده هئا،آزاد ۽ ايماندار نالا نظرانداز ڪيا ويا،لاهور هاءِ ڪورٽ هجي يا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پٽواري“ ۽ ”جيالا“ گروپ کي نوازيو ويو،عدليه جي غيرجانبداري ختم ٿي وئي آئيني عدالت بڻائي  سپريم ڪورٽ جي برابر بيهاري وئي اهڙي صورتحال پيدا ڪئي وئي جوآئيني عدالت جا حڪم سپريم ڪورٽ تي به حاوي ٿي وياسپريم ڪورٽ کي عمارت ڇڏڻ تائين جا خدشا پيدا ٿيا،پي ٽي آءِ جون مخصوص سيٽون مالِ غنيمت وانگر ورهايون ويون،پارليامينٽ کي غير نمائنده بڻايو ويو،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن بدلين خلاف احتجاج ڪيوخط لکياسپريم ڪورٽ ۾ ويا پر3-2جي فيصلي سان حڪومت جو فيصلو برقراررهيو،عدليه پنهنجي ئي ججن خلاف بيهي رهي جيڪڏهن عدليه اندر کان مزاحمت ڪري هاته نه 26هين ترميم اچي ها نه 27هين ترميم اچي ها، 2025عدليه جي خودسپردگي جي علامت طورجمهوريت جي ڪمزوري ۽قانون جي حڪمراني جي زوال جي علامت طور ياد رکيو ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.