ميڊيا تي 2025 دوران مڪمل ڪنٽرول ۽ سينسرشپ لاڳو رهي:سي پي اين اي

ڪراچي (پ ر) پاڪستاني ميڊيا تي 2025 دوران مڪمل ڪنٽرول ۽ سينسرشپ لاڳو رهي، ان باوجود صحافين کي قتل، گرفتاريون، غداري جا ڪيس، جبري آف ايئر، بينڪ اڪائونٽن جي بندش، اي سي ايل ۾ نالا شامل ٿيڻ ۽ ادارن تي اشتهارن جي بندش جهڙن سنگين مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو، سي پي اين اي ميڊيا فريڊم رپورٽ 2025 جاري ڪري ڇڏي، رپورٽ موجب پاڪستان رپورٽرز ود آئوٽ فرنٽيئرز جي عالمي ميڊيا آزادي رينڪنگ ۾ 6 درجا هيٺ لهي 158هين نمبر تي اچي ويو،سخت سرڪاري پاليسين، پيڪا ايڪٽ، ڪنٽرولڊ اشتهارن، پريس ايڊوائيسز ۽ سينسرشپ سبب ڪيتريون ئي اخبارون بند ٿي ويون، نيوز روم خالي ۽ ملازم فارغ ڪيا ويا، رپورٽ موجب 2025 ۾ 5 صحافي قتل، 6 صحافين کي ڪيسن ۽ گرفتاري کي منهن ڏيڻو پيو، 3 صحافين کي هراسان ڪيو ويو، 2 پريس ڪانفرنسون روڪيون ويون، 2 ميڊيا آفيسن تي حملا ٿيا، 2 تشدد جا واقعا پڻ ٿيا، 2 ڊجيٽل پابنديون ۽ هڪ تڪراري قانونسازي آزاديِ اظهار کي سخت متاثر ڪيو، ڪيترن ئي صحافين جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ بينڪ اڪائونٽس بند ڪيا ويا، اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪيا ويا، رپورٽ ۾ اينڪر پرسنز ڪاشف عباسي، حبيب اڪرم، پارس جهانزيب، ثمينه پاشا، سميع ابراهيم، عارف حميد ڀٽي ۽ خالد جميل کي آف ايئر ڪرڻ جو ذڪر ڪيوويو، ڊان نيوز گروپ کي غير جانبدار ايڊيٽوريل پاليسي سبب اشتهارن کان محروم ڪيو ويو، جنگ، آواز ۽ وقت گروپ تي پڻ شديد سرڪاري دٻاءُ جو شڪار ٿيا، رپورٽ موجب بلوچستان ۾ اڻ اعلانيل سينسرشپ، پريس ايڊوائيسز ۽ انٽرنيٽ بندش سبب پرنٽ ميڊيا مالي بحران جو شڪار آهي، سي پي اين اي پاران جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اظهار جي آزادي ۽ معلومات تائين پهچ کان سواءِ جمهوري ڍانچو ڪمزور ٿي ويندو آهي، جنهن جا نتيجا نه صرف ميڊيا پر پوري معاشري جي لاءِ نقصان ڏيندڙ ثابت ٿيندا آهن، سي پي اين اي حڪومت کان صحافين خلاف تشدد، هراسان ۽ غيرقانوني ڪاررواين جو فوري خاتمو ڪرڻ، اظهار جي آزادي کي محدود ڪرڻ واري قانون سازي تي نظرثاني ڪرڻ، صحافين ۽ ميڊيا ادارن کي محفوظ ۽ آزاداڻو ماحول فراهم ڪرڻ، بلوچستان سوڌو پوري ملڪ ۾ اظهار جي آزادي جا حق آئين ۽ عالمي جمهوري قانونن جي عين موجب بڻائڻ جو مطالبو ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته هو ميڊيا، پريس ۽ صحافت جي حق جي آزادي جي تحفظ، صحافين جي حقن جي دفاع ۽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.