عدليا بنيادي حقن جي تحفظ ۽ انصاف جي تڪڙي فراهمي لاءِ پرعزم آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته عدليا بنيادي حقن جي تحفظ، قانون جي بالادستي کي هٿي ڏيڻ ۽ منصفاڻو، غير جانبدار ۽ وقت سر انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ پوري طرح پُرعزم آهي.
سپريم ڪورٽ جي عام لاڳاپن جي شعبي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب چيف جسٽس نئين سال جي شروعات تي پاڪستاني قوم، عدليا جي ميمبرن، قانوني برادري ۽ انصاف جي ڳولا ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته آئين عدليا کي اها اهم ذميواري ڏئي ٿو ته انصاف نه رڳو ڪيو وڃي پر ٿيندي نظر به اچي ۽ اها ذميواري تڏهن وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ٿي، جڏهن عام شهري اميد، اعتماد ۽ ڪڏهن ڪڏهن بيوس حالتن ۾ عدالتن ڏانهن رخ ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته ايندڙ سال غور ۽ فڪر، سڌارن ۽ ان عزم جي تجديد جي گهر ڪري ٿو ته عدالتي عمل ۾ شهري کي مرڪزيت ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.