نئون سال 2026 ڪيئن ملهائجي…

                 اسان ڪالهه سال 2025 جي 31 ڊسمبر جي تاريخ واري ايڊيٽوريل ۾لکيو هو ته نئين سال ۾ داخل ٿيڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته گذريل سال جو انفرادي توڙي اجتماعي جائزو وٺي ان روشني ۾ نئين سال جي رٿابندي ڪجي. ان حوالي سان پنهنجي اڄوڪي ايڊيٽوريل جو موضوع آهي ته ” نئون سال ڪيئن ملهائجي“ پهريون ته پاڻ گذريل سال کي 2025 کي الوداع ڪيون ٿا جنهن يقينن هر گذريل سال وانگر انفرادي توڙي اجتماعي طور گهڻو ڪجهه ڏنو به  هوندو  ته گهڻو ڪجهه کسيو به هوندو. ڏک، صدما ۽ تڪليفون به ڏنيون هونديون ته خوشيون ۽ ڪامرانيون به پلئه پيون هونديون. ڪجهه نيون ترقيون ۽ نيون روايتون به پيون هونديون جن جو جائزو خاص ڪري ميڊيا جا ادارا  وٺي به رهيا آهن.

                 اسان ۽ دنيا جي ماڻهن کي نئون سال 2026 ڪيئن ملهائڻ گهرجي ان بابت پاڻ هتي ڪجهه تجويزون رکون ٿا، ان حوالي سان پهريون اسان عالمي ۽ ملڪي حڪومتن کي مخاطب ٿينداسين ڇاڪاڻ ته عام طور تي اهي حڪومتون ئي ملڪي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ خدمت گار طور چونڊيون وينديون آهن. اسان دنيا جي سڀني ملڪن  جي حڪومتن کي گذريل سال جي روشني ۾ پهريون وڏو مشورو اهو ڏينداسين ته اهي هن سال ڪا به جنگ نه ڪن ڇاڪاڻ ته دنيا جو هر ماڻهو امن چاهي ٿو ۽ اهو ڪنهن ريت به جنگين جو حامي ناهي ۽ نه ئي عوام جي چوڻ تي يا سندن راضپي سان حڪومتون اهي جنگيون ڪنديون آهن. ڏٺو اهو ويو آهي ته حڪومتون اصل ۾ پنهنجي مفادن جي ٽڪراءُ ۾ اهي جنگيون ڪنديون آهن. گذريل سال جنگين جي حوالي سان وڏو واقعو ڀارت ۽ پاڪستان جي جنگ هئي جنهن ۾ جيئن ته ڀارت اڳرائي ۽ پهل ڪئي هئي ته  ان مان کيس سبق حاصل ڪرڻ گهرجي ته ان جو سڀ کان وڏو نقصان ڀارت کي ئي رسيو. خاص ڪري ان جنگ کان پوءِ سندس لاڳاپا آمريڪا سان خراب ٿيا ۽ ٻئي پاسي پاڪستان جا نه رڳو آمريڪا سان ريڪارڊ خوشگوار لاڳاپا جڙيا پر سفارتي محاذ تي عالمي سطح تي ان جي ساک به بهترين  رهي. ان مان ڀارت کي عبرت ناڪ انجام طور سبق حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي غلطي جو ازالو ڪندي جيڪڏهن نئين سال ۾ اهو پاڪستان ڏانهن دوستي جو هٿ وڌائي ته يقيني طور تي ٻنهي ملڪن جوعوام ان عمل جي آجيان ڪندو. آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ جيڪو گذريل سال ڀارت پاڪ جنگ سميت ڪيتريون ئي جنگيون روڪرائڻ جي هام هڻي رهيو آهي تنهن کي حقيقي معنيٰ ۾ ان ڏس ۾ عملي اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي. ايئن به چئي سگهجي ٿو ته ٽرمپ جو دنيا اندر امن قائم ڪرڻ جي اها دعويٰ مڪمل طور تي درست ناهي تنهن ڪري ان کي هن سال جنگيون مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو سال ڪري ملهائڻ گهرجي. جيڪڏهن عالمي برادري جي سڀ کان وڏي ملڪ جي سربراهه طور ڊونلڊ ٽرمپ ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جي عالمي پاليسي کي هن سال جو ٽارگيٽ بڻائي ته هو دنيا جو هر دلعزيز حڪمران بڻجي سگهي ٿو.

ملڪي حڪمرانن کي اها گذارش ڪنداسين ته اهي ملڪ اندر حقيقي پارلياماني، جمهوري ۽ آئيني نظام تحت حڪومت هلائڻ  جو وچن ڪن ته جيئن عوام کي سڌو سنئون ”جمهوريت“ جو ثمر  ملي سگهي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت هي سال ملڪي عوام کي ”جمهوريت جو ثمر“ ملڻ جو سال ڪري ملهائي ته يقينن ان کي درست رخ ۾ نه رڳو ڪم ڪرڻ جو ٽارگيٽ ملي ويندو پر ان سان ان کي ميڊيا اندر ۽ عوامي سطح تي پذيرائي پڻ ملندي. ٻيو حڪومت پنهنجي لاءِ اهو به ٽارگيٽ مقرر ڪري سگهي ٿي ته اها مخالف ڌر کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي. ان کان علاوه اهو چئيلنج به پنهنجي لاءِ مقرر ڪري ته هي سال عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ  جو يقيني سال هوندو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به حڪومت جي پهرين ذميواري اها هوندي آهي ته اها عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪري.ايئن ئي ملڪي عدالت کي پنهنجو ٽارگيٽ اهو  طئي ڪرڻ گهرجي ته هن سال اها عوام جا ڪيس اڪلائڻ  ۽ کيس يقيني انصاف مُهيا ڪرڻ جو سال ڪري ملهائيندي ڇاڪاڻ ته ملڪي عوام جو قانون ۽ انصاف جي ادارن تان ويساهه کڄي ويو آهي سو سپريم ڪورٽ جي موجوده چيف جسٽس کي نئين سال لاءِ اهو ٽارگيٽ مقرر ڪرڻ گهرجي ته اها آئين ۽ قانون جي بالادستي کي هر قيمت تي قائم ڪندي ۽ ملڪ اندر  آئين کان مٿانهون جيڪي به غير قانوني عدالتون آهن تن جي وجود کي نابود ڪندي. خاص طور تي قبيلائي جرڳن ۽ ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ واري عدالتن کان مٿانهين عمل کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ حڪومت کي پڻ سال 2026 لاءِ پنهنجا حڪومتي ٽارگيٽ طئي ڪرڻ گهرجن. جيڪڏهن پ پ جي سنڌ حڪومت هن سال کي پنهنجي لاءِ ”گڊ گورننس“ جو سال ڪري ملهائي ته ان جي حڪومتي ڪارڪردگي ۾ نمايان تبديلي اچي سگهي ٿي. گڊ گورننس لاءِ پ پ حڪومت کي گهرجي ته اها حڪومتي اختيار ضلعي نظام ڏانهن منتقل ڪري، ان سان هيٺين سطح تي حڪومتي ڪارڪردگي بهتر ٿي سگهي ٿي. سنڌ ۾ ڪافي سالن کان ڌاڙيلن جو راڄ به آهي ته قبيلائي جهيڙا به چوٽ چڙهيل آهن جنهن کي ختم ڪرڻ ۾ پ پ جي سنڌ حڪومت ناڪام رهي آهي، گذريل سال ته سنڌ حڪومت انهن معاملن تي ڪم نه ڪيو پر ڇا اها هن سال پنهنجين ڪمزورين تي ڪم ڪندي. اسان جو خيال آهي ته سنڌ حڪومت کي هن سال لاءِ اهي ٽارگيٽ طئي ڪرڻ گهرجن جنهن ۾ نه رڳو ان جي ڀلائي آهي پر عوام جي حق ۾ به اهو ئي آهي.

ايئن ئي ٻيا سڀ ملڪي ادارا ۽ سياسي، سماجي، ادبي تنظيمون نئين سال لاءِ گذريل سال جي روشني ۾ ڪي  نيون رٿابندي ڪري، ڪي نوان ٽارگيٽ طئي ڪن ته ان ۾ سندن ئي فائدو آهي.  پر اسان وٽ ٿئي ايئن ٿو ته وڏن عهدن تي پهچڻ، جماعتن ۽ ادارن جا سربراهه  ٿيڻ کي ته زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻايو ويندو آهي.  پر پنهنجي ڪم ۽ ڪارڪردگي بابت ڪا پلاننگ ناهي ڪئي ويندي جنهن جو اثر نه رڳو سندن ڪارڪردگي تي پوندو آهي پر ان سان انهن ادارن ۽ جماعتن کي به ڌڪ رسندو آهي. تنهن ڪري پنهنجو اهو خيال آهي ۽ هي ايڊيٽوريل لکڻ جو به مقصد اهو آهي ته ڏيهي، پرڏيهي حڪومتون، سياسي سماجي ادبي تنظيمون وغيره گذريل سال جي روشني ۾ هن سال پنهنجي لاءِ ڪي ٽارگيٽ مقرر ڪن ۽ ان ذريعي نئين سال ۾ داخل ٿين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.