اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ خطي جي صورتحال تي گفتگو ٿي.
وزيراعظم آفيس موجب اربع ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ خطي جي صورتحال تي گفتگو ٿي.
وزيراعظم امت کي موجوده چيلينجن ۾ امت جي صفن ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي برقرار رهڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
وزيراعطم آفيس موجب وزيراعظم سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته علائقائي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذڙيعي امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ ضروري آهي.
سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ٽيلي فون ڪال ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي سڀني شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم آفيس موجب محمد بن سلمان ايندڙ سال پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي خواهش به ظاهر ڪئي.
ٻنهي اڳواڻن پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو.
You might also like