ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا بشريٰ انصاري تازو فيروز خان سان ڪم ڪرڻ جي پنهنجي تجربي تي کليل نموني ڳالهايو آهي.
پنهنجي تازي ولاگ ۾ بشريٰ انصاري چيو ته اڄڪلهه مان فيروز خان سان هڪ پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهيان، شروعات ۾ هو ڏاڍو لڄيرو هو، ڇو ته ان کان اڳ اسان گڏ ڪم نه ڪيو هو، کيس لڳندو هو ته شايد مان تمام گهڻي سنجيده يا سخت مزاج آهيان پر جڏهن هو مون کي سمجهي ويو ته دوستاڻو ٿي ويو.
هن چيو ته هو مون هر هر ڀاڪر پائي چوندو هو ته توهان جي بنا گذارو ناهي، توهان محبت ڪندڙ ۽ مهربان آهيو، نوجوانن کي محبت ڏيندئو ته اهي به موٽ ۾ محبت ڏيندا.
سندس چوڻ هو ته مان سدائين نوجوان اداڪارن کي پاڻ وٽ ڪمفرٽيبل محسوس ڪرائيندي آهيان، مان غير ضروري سوال ناهيان ڪندي جيئن دير ڇي ٿي يا سيٽ تي ڪهڙي گڙٻڙ ٿي، ڇو ته هر ڪنهن جو پنهنجو اندازو هوندو آهي.
You might also like