مئي 2025 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل هوائي چڪرين کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ ”هينڊ شيڪ“ وارو تڪرار خاص طور تي راندين جي ميدانن ۾ ڪيترائي ڀيرا ڪرکڻندو رهيو، پر ان ڇڪتاڻ ۾ هڪ ڊرامي موڙ ان وقت آيو جڏهن ٻنهي ملڪن جا اهم سياسي اڳواڻ هٿ ملائيندي نظر آيا، جنهن جون تصويرون سرحد جي ٻنهي پاسي وائرل ٿي ويون.
وائرل تصويرون بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ جي ڍاڪا ۾ جنازي نماز کانپوءِ هڪ تقريب دوران ورتيون ويون، جيڪا اربع ڏينهن بنگلاديشي پارليامينٽ ويجهو ٿي.
جنازي نماز ۾ پاڪستان ۽ ڀارت سميت ڪيئي ڏکڻ ايشيائي ملڪن جا سياسي اڳواڻ شريڪ ٿيا.
ان موقعي تي ڀارتي پرڏيهي وزير جَئه شنڪر ۽ پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق هٿ ملائيندي ۽ رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي نظر آيو.
پاڪستان جي پرڏيهي وزير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن آگاهه ڪيو هو ته قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر سردار اياز صادق بيگم خالده ضياءَ جي جنازي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.
اياز صادق ۽ جئه شنڪر وچ ۾ هٿ ملائڻ واري تصوير وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدار ان کي خوشگوار لمحو قرار ڏئي رهيا آهن.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، جنازي کان اڳ اسپيڪر اياز صادق تعزيت واري ڪتاب ۾ تاثرات قلمبند ڪرڻ لاءِ بنگلاديش جي پارليامينٽ ويو، جتي مختلف ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ نمائندا اڳ ئي موجود هئا.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ان موقعي تي ڀارتي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ايس جَئه شنڪر پاڻ اسپيڪر اياز صادق وٽ هلي آيو ۽ ساڻس هٿ ملايو ۽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو ته هو اياز صادق جي شخصيت کان اڳ ئي واقف آهي.
ٻئي پاسي ڀارت طرفان سرڪاري سطح تي ان ملاقات بابت تفصيل اڃا تائين جاري ناهن ڪيا ويا.
واضح رهي ته پاڪستان سدائين ڊائيلاگ، برداشت ۽ گڏيل سهڪار تي ٻڌل قدمن تي زور ڏنو آهي، جنهن ۾ امن ڳالهيون ۽ مبينا فالس فليڪ پهلگام واقعي جي گڏيل جاچ ۽ آڇ شامل آهي ته جيئن بنا جواز اڳرائي ۽ ڇڪتاڻ کان بچي سگهجي.
بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه محمد يونس پڻ پنهنجي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي لکيو ته ” ٻنهي اڳوانن ان موقعي تي خير سگالي بابت جملن جي ڏي وٺ ڪئي.“
سوشل ميڊيا تي واهپيدارن هٿ ملائڻ واري عمل جي آجيان ڪندي لکيو ته ” هاڻي ان ڳالهه جو ڪو به جواز ناهي رهيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچن ۾ هينڊ شيڪ نه ٿيندو.“
صحافي ڪامران يوسف لکيو ته ” ڀارتي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان جي قومي اسيمبلي اسپيڪر ڍاڪا ۾..! هيءَ خوشگوار تبديلي آهي، اختلاف ڪيڏا به سنگين ڇو نه هجن، معمولي آداب نه ڇڏڻ گهرجن، اميد آهي ته هاڻي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستاني رانديگرن سان هٿ ملائڻ سان ڪو مسئلو نه ٿيندو.“
ڪجهه واهپيدارن ٺٺول ڪندي چيو ته ” ڇا آپريشن سندور اڃا جاري آهي؟، سندن اشارو شايد ڀارتي اختياري جي انهن بيانن ڏانهن هو جنهن ۾ دعويٰ ڪئي ويندي آهي ته آپريشن سندور ختم ناهي ٿيو ۽ اڃا جاري آهي.“
ڀارتي صحافي امت بروا لکيو ته ” ڀارت ۽ پاڪستان جو ” هينڊ شيڪ“ ۽ اُهو به ڍاڪا ۾ …! “
بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه محمد يونس طرفان هينڊ شيڪ واري تصوير شيئر ڪرڻ تي ڪيترن ئي واهپيدارن تبصرا پڻ ڪيا.
سمت دتا نالي واهپيدار لکيو ته ” محمد يونس ايڏو پريشان ڇو آهي؟ پهرين مون کي ان جو جواب ڏيو، ڇا توهان( محمد يونس) جو اڪائونٽ دنيا جي اڳواڻن جي تصويرن جي مشهوري لاءِ آهي؟ يا ساڳيو عام نڻان وارو رويو اختيار ڪري رهيا آهيو؟ “
هينڊ شيڪ واري تصوير تي تبصرو ڪندي بنگلاديشي واهپيدار نظام الحسن لکيو ته ” خالده ضياءَ جي جنازي ڀارت کي بنگلاديش ۾ خيرسگالي جو پيغام ڏيڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪيو، ايستائين جو سينيئر پاڪستاني شخصيتن جي موجودگيءَ به ڀارتي پرڏيهي وزير کي ڍاڪا اچڻ کان نه روڪي سگهي.“
”پاڪستان ۽ ڀارت جو ڍاڪا ۾ ” هينڊ شيڪ“، ڇا ڪرڪيٽر ميدان ۾ هٿ ملائيندي نظر ايندا؟“
You might also like