ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي قلم 144 تحت پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
سنڌ جي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي پهرين جنوري تائين هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته شهر ۾ هٿيارن جي نمائش ۽ هوائي فائرنگ تي به پابندي هوندي، هوائي فائرنگ ڪندڙن جي نشاندهي لاءِ ڊرون ڪيمرائون اڏائڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.