جتوئين مهرن جا ماڻهو قتل ڪيا، حڪومت ڏوهارين خلاف قدم کڻي: علي گوهر مهر

خانپور مهر (رپورٽ: ميهر مهر) پيپلزپارٽي جي ايم اين اي سردار علي گوهر خان مهر چيو آهي ته شڪارپور ۾ هلندڙ مهر–جتوئي تڪرار جا ڇهه ڀيرا فيصلا ٿي چڪا آهن، پر عملدرآمد نه ٿيڻ سبب صورتحال خراب ٿي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ستون ڀيرو به فيصلي جي تاريخ مقرر ڪئي وئي، پر ان دوران جتوئي ڌر طرفان مهر برادري جا ماڻهو قتل ڪيا ويا، جنهن سبب تاريخ رد ڪرڻي پئي. سردار علي گوهر مهر چيو ته روڊن تي بيهي ڄڃن تي حملا ڪرڻ ۽ ماڻهو قتل ڪرڻ تڪرار نه پر سنگين ڏوهه آهي، جنهن خلاف حڪومت کي سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته فيصلا تڏهن ڪارائتا هوندا آهن جڏهن انهن تي عمل ٿئي، ٻي صورت ۾ اهي رڳو وقت جو ضايع آهن. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڌريون سنجيدگي ڏيکارين ته اٺن ڏينهن اندر ٻيهر فيصلي جي تاريخ رکي سگهجي ٿي، پر شرط اهو آهي ته فيصلي بعد ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف رياست سخت قدم کڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.