حيیدرآباد/وارھ (نمائندا) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آهي ته سنڌ ۾ امن و امان کي منصوبابندي تحت تباهه ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب عام ماڻهو گهرن ۽ روڊن تي غير محفوظ آهن. هن الزام لڳايو ته پوليس قانون جي عملداري بدران ڏوهارين کي قتل ڪرڻ ۾ ملوث آهي، جڏهن ته ڌاڙيل، دهشتگرد ۽ منشيات فروش آزاد گهمي رهيا آهن. پوليس کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو ته ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ بدران قتل ڪري، پوليس واقعن جي اوٽ ۾ ڳوٺ ڊاهي ماڻهن کي گوليون هڻي رهي آهي. ان دوران، جيئي سنڌ محاذ تعلقي وارھ جون چونڊون ضلعي صدر ڊاڪٽر درياه خان ميرجت جي نگرانيءَ ۾ ڪيون ويون. اجلاس ۾ سن ۾ سائين جي ايم سيد جي 122 سالگره بابت پڻ ويچاريو ويو ۽ ڀرپور شرڪت جو فيصلو ڪيو ويو.