اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت عوام کي نئين سال جو تحفو ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ تيل اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان آهي.
مهانگائي جي ماريل عوام کي نئين سال جي موقعي تي خوشخبري ملندي، ڇو ته وفاقي حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جي حوالي سان ورڪنگ تيار ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول 10 رپيا 60 پيسا ۽ ڊيزل 8 رپيا 59 پيسا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.
اهڙي ريت گاسليٽ 9 رپيا في ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل 6 رپيا 62 پيسا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.
اوگرا 31 ڊسمبر تي ورڪنگ پيٽروليم ڊويزن کي موڪليندي، وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ نون اگهن جو اعلان ڪيو ويندو.
You might also like