بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي ايندڙ فلم ”بيٽل آف گلوان“ جو ٽيزر جاري ٿيڻ کان پوءِ فلم تي سخت تنقيد ڪندي ان کي تاريخ سان هٿ چراند قرار ڏئي ڇڏيو.
سلمان خان جي ايندڙ فلم ”بيٽل آف گلوان“ جو ٽيزر 27 ڊسمبر تي جاري ڪيو ويو.
فلم ۾ سلمان خان ڀارتي فوجي آفيسر جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اها فلم 2020 ۾ ڀارت ۽ چين جي گلوان ماٿري ۾ ٿيل سرحدي چڪرين تي ٻڌل آهي.
چڪرين کانپوءِ ڀارت ۽ چين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ لائين آف ايڪچوئل ڪنٽرول (ايل اي سي ) جي ويجهو فوجين دستن جي مقرري، سرحدي نگراني ۽ ٻيا دفاعي قدم کنيا ويا.
فلم جو ٽيزر سلمان خان جي سالگرهه جي موقعي تي جاري ڪيو ويو، جنهن کي اداڪار پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پڻ شيئر ڪيو.
ٽيزر جاري ٿيڻ کانپوءِ چين جي سرڪاري ميڊيا اداري ”گلوبل ٽائمز“ سلمان خان جي فلم تي ڇتي تنقيد ڪندي الزام لڳايو ته فلم حقيقتن کي ميسارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
چيني ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀلي ڪنهن فلم يا ڊرامي ۾ تاريخ کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو وڃي، ان جو ڪنهن ملڪ تي ڪو به اثر نه پوندو.
واضح رهي ته فلم ايندڙ سال 17 اپريل تي سينما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.
You might also like