نوابشاهه (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کان پشاور ويندڙ مسافر ٽرين ٻانڌي ريلوي اسٽيشن ڀرسان سنگين حادثي کان بچي وئي.
ڪراچي کان پشاور ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس جي دٻن کي پاڻ ۾ جوڙيندڙ ڪلپنگ کُلي ويا، جنهن سبب ٽرين ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي.
ٽرين ٻن حصن ۾ ورهائجڻ سبب مسافرن ۾ خوف پکڙجي ويو ۽ دانهون ڪرڻ لڳا.
ريلوي اختيارين موجب ڪو جاني نقصان نه ٿيو، ٽيڪنيڪل ٽيم رواني ڪئي وئي آهي ۽ ٽرين جي دٻن کي جوڙي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويندو.
You might also like