اين اي 130 لاهور تان نواز شريف جي ڪاميابي درست قرار، ياسمين راشد جي درخواست رد

لاهور (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 130 تان نواز شريف جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن درست قرار ڏيندي ياسمين راشد جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.
ياسمين راشد طرفان نواز شريف جي ڪاميابي کي چيلينج ڪيو ويو هو، جنهن تي اليڪشن ٽربيونل جي جج راڻا زاهد محمود فيصلو ٻڌايو.
فيصلي ۾ ياسمين راشد جي درخواست کي ٽيڪنيڪي بنيادن تي خارج ڪندي اين اي 130 تان نواز شريف جي ڪاميابي جي نوٽيفڪيشن کي برقرار رکيو ويو.
واضح رهي ته فيبروري 2024 جي عام چونڊن ۾ لاهور مان قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 130 تان نواز شريف ڪامياب ٿيو هو، ياسمين راشد سندس ڪاميابي کي چيلينج ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.