نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر جي پور جي هڪ نجي اسپتال ۾ ڇرڪائيندڙ ۽ ناياب طبي واقعو سامهون آيو، جتي ڊاڪٽرن هڪ نوجوان جي معدي مان ٽوٿ برش ۽ پانا ڪڍي سندس حياتي بچائي ورتي.
ڀلواڙا سان واسطو رکندڙ 26 ورهين جو نوجوان 26 ڊسمبر تي پيٽ ۾ سور جي شڪايت ڪندي جي پور جي آر ڪلا ميموريل اسپتال پهتو، جنهن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ڏسي ڊاڪٽرن فوري طور معائنو شروع ڪري ڇڏيو.
جڏهن پيٽ جي سونوگرافي ڪئي وئي ته ڊاڪٽر به حيران رهجي ويا، مريض جي معدي ۾ سخت شيون موجود هيون.
اسپتال جي سينيئر سرجن ڊاڪٽر تنمي پاريک موجب صورتحال جي سنگيني کي ڏسندي فوري طور اينڊوسڪوپي ڪئي وئي پر شيون ڪڍڻ ممڪن نه ٿي سگهيو، پوءِ اوپن سرجري جو فيصلو ڪيو ويو.
ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهندڙ آپريشن دوران ڊاڪٽرن مريض جي معدي مان 7 ٽوٿ برش ۽ ٻه لوهه جا پانا ڪاميابي سان ڪڍيا.
ان ڏُکئي آپريشن جي قيادت ڊاڪٽر تنمي پاريک ڪئي، جڏهن ته ڊاڪٽر آلوڪ ورما، ڪشال ۽ هريندر به شامل هئا.
ڊاڪٽرن موجب مريض ذهني بيماري ۾ مبتلا آهي، جنهن سبب هو مختلف شيون ڳِهي ويندو هو، اهو ئي عمل خطرناڪ صورتحال جو سبب بڻيو.
You might also like