پاڪستان کي ورلڊ ڪپ کان اڳ وڏو ڌچڪو، شاهين آفريدي انجري جو شڪار، بي بي ايل مان ٻاهر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي و ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان فاسٽ بالر شاهين آفريدي انجري سبب آسٽريلوي ليگ بِگ بيش (بي بي ايل) مان ٻاهر ٿي ويو.
بي بي ايل ۾ برسبين هيٽ جي نمائندگي ڪندڙ شاهين آفريدي ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز خلاف ميچ دوران گوڏي جي انجري جو شڪار ٿيو هو.
شاهين انجري سبب رڳو ٽي اوور ئي بولنگ ڪري سگهيو ۽ 14 هين اوور کان پوءِ ميدان کان ٻاهر هليو ويو.
برسبين هيٽ فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي انجري جي تصديق ڪئي، جنهن کان پوءِ شاهين آفريدي پاڻ سوشل ميڊيا تي تصديق ڪندي ٻڌايو ته سندس انجري کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کيس ترت وطن واپس ورڻ جي هدايت ڪئي آهي، جتي هو پنهنجو ريهيب مڪمل ڪندو.
شاهين آفريدي پنهنجي پوسٽ ۾ بي بي ايل فرنچائز برسبين هيٽ ۽ مداحن جا ٿورا پڻ مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.