خوني قبيلائي جهيڙا: انسانيت ۽ حڪومت ڪٿي آهي؟

تحرير: منظور کوسو

ماڻهو ته آهن پر انهن ۾ماڻهپو نه رهيو آهي جڏهن ماڻهپو ئي نه رهيو آهي ته پوءِ  حيوان ناطق کي انسان چئي ان لفظ جي  توهين ڇو ڪجي؟ انسان به انسيت سا ن آهي يعني ايئن کڻي ته هڪ انسان جي ٻئي انسان سان محبت پر جڏهن محبت نه رهي ترس ۽ ڪهڪاءَ نه رهيو ته پوءِ اهڙن انسانن کي انسان چئي انسانيت جي ڇو تحقير ڪجي؟ معاشري کي انسانيت جي ويرين ورهائي ڇڏيو آهي ذاتين، برادرين ۽ قبيلن ۾ ۽ وري پنهنجن مخصوص سياسي مفادن جي ڪري انهن وچ ۾ خونخوار نفرتون ۽ دشمنيون به پيدا ڪري ڇڏيئون۔ حالانڪ اسان نالي جا سڏائيندڙ مسلمان اسان کي اهو ڄاڻڻ کپي ته اسلام ۾ ذاتين ۽ قبيلن جي اهميت سڃاڻ کان وڌيڪ ڪين آهي جيئن ماڻهو هڪٻئي کي سڃاڻين جيئن سوره الحجرات آيت 13 ۾ الله رب العزت فرمايو آهي ته اي انسانو! مان توهانکي هڪ مرد ۽ عورت مان پيدا ڪيو ۽ توهان ۾ ذاتيون ۽ قبيلا بڻايم جيئن توهان هڪٻئي کي سڃاڻو۔ “يعني الله رب العزت جي ويجهو ذاتين ۽ قبيلن جي اهميت فقط ايتري آهي ته جيئن ماڻهو هڪٻئي کي سڃاڻين۔ پر افسوس اسان ته پڪا سچا مسلمان به نه ٿي سگهياسين ذاتين ۽ قبيلن کي باعث فخر سمجهي هڪٻئي جو رت وهائڻ لڳاسين انسان جو انسان تي ترس نه رهيو! ! ماڻهو آدمخور بڻجي ويا،

”هاڻي هرڪو کائي، ماڻهوءَ سندو ماس“

انسانيت جي دشمنن وٽ دين، ڌرم ۽ قوم جي ڪا اهميت ڪانهي.  هنن جا پنهنجا مفاد آهن جن ڪري هنن ماڻهن کي ورهائي ڇڏيو آهي ۽ ماڻهو سڀ ڪجهھ وساري ذاتين تي فخر ڪرڻ لڳا آهن جن جا خطرناڪ نتيجا اڄ قوم ڀوڳي پئي آهي۔ خاص ڪري اتر سنڌ  ته هنن خونريز قسم جي جهيڙن ۾ قبرستان ڀرجي ويا، مائرون ذهني توازن وڃائي ويٺيون، ونيون رن زالون ۽ معصوم ٻچڙا يتيم ٿي دربدرائپ واري زندگي پيا گذارين اڄ انهن جي مٿي تي ڪو شفقت وارو هٿ رکڻ وارو ڪونهي۔ ماڻهن کي سوچڻ گهرجي آخر ايڏي وڏي تباهي مان انهن کي ڪهڙو فائدو ٿو پهچي۔ جن چيف بڻجي جرگا سجائي برادرين جي وچ ۾ فيصلا ڪري ڌرين تي ڪروڙين روپيا ڏنڊ رکيا انهن جا ڇا نتيجا برامد ٿيا؟ خونريزي ته جاري آهي۔

 هڪ تازي نهايت ئي افسوسناڪ خبر موجب قبائلي جهيڙن جو ڳڙهه بڻايل شڪارپور ۾ قبائلي جهيڙن جي بدبودار رسم جي آڙ ۾ شاديءَ تي رستم کان جيڪب آباد ويندڙ ڄڃ ۾ نوجوان گهوٽ الطاف احمد مهر، سندس نون ورهين جو معصوم ڀاءُ محمد حسن ۽ محمد رمضان مهر شهيد ڪيا ويا جن جي ڪالهھ رستم شهر ۾ جنازي نماز ٿي گذري۔ هن ظلم تي هر انسان دوست ماڻهوجي دل ماتم ڪنان آهي ته قاتلن ان کانپوءِ  خوشيءَ ۾ خوب فائرنگ ڪئي ۽ ناچ ڪيائون۔ ايس ايس پي شڪارپور جي ڪارڪردگي تي بيجا تنقيد ته نه ٿي ڪري سگهجي پر اهو ضرور چئبو ته ضلعي تي آدمخورن جو راڄ آهي جڏهن ۽ جتي به چاهين ماڻهو ماري ڀنگڙا وجهي سگهن ٿا۔ جيستائين انهن جهيڙن جي پٺڀرائي ڪندڙن تي قانون هٿ نه وجهندو تيسين امن ناممڪن آهي۔ هڪ بيرحم گرينڊ آپريشن جي ضرورت آهي سڄي ضلعي کي جيسين بي هٿيار نه ڪيو ويندو تيستائين هي رت جي راند نه رڪجندي۔ وستيون، واهڻ، ڳوٺ ۽ ٻنيون غيرآباد ٿيڻ کان نه بچنديون، گهوٽ مرندا رهندا، امڙيون ذهني توازن وڃائي ويهنديون ۽ يتيمن ۾ اضافو ٿيندو ويندو۔

 هن وقت شڪارپور ضلعي ۾ ڪا ترقي ڪانهي. جيڪڏهن واڌارو نظر اچي ٿو ته فقط قبرستانن ۾۔ شڪارپور پ پ پ جو ڳڙهه سمجهيو وڃي ٿو جتي قومي، صوبائي اسيمبلين جي سيٽن کان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۽ ٽائون ڪاميٽين تائين پ پ پ جو راڄ آهي اتي اهڙا ظلم ٿين ته ماڻهن انهن کان ضرور پڇڻ جو حق رکن ٿا سرڪار ڇا پئي ڪري ورهين کان قبائلي فسادن ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ کي روڪڻ ۾ حڪومت ڇو ڪامياب نه ٿي ٿئي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.