صدر زرداري جي زندگيءَ تي فلم ٺاهڻ جون تياريون؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال ٿيل لڪس اسٽائل ايوارڊ ۾ ناظرين جي چونڊ موجب بهترين فلم جو ايوارڊ ”ڪٽر ڪراچي“ ماڻيو، جڏهن ته فلم کي مختصر دورانيي ۽ ڪمزور ڪهاڻي سبب نقادن طرفان سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.
ويجهڙائي ۾ ”ڪٽر ڪراچي“ جي هدايتڪار عبد الولي بلوچ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته هو صدر آصف علي زرداري تي فلم ٺاهڻ چاهي ٿو.
ولي چيو ته هن پاڪستان ۾ صدر زرداري جهڙي شخصيت نه ڏٺي آهي، ان ڪري هن جي خواهش آهي ته سندس زندگي تي فلم ٺاهي وڃي.
جڏهن کائنس پڇيو ويو ته صدر زرداري تي فلم لاءِ ڪهڙي اداڪار کي ڪاسٽ ڪيو ويندو؟
ان جي جواب ۾ عبد الولي بلوچ چيو ته ان بابت کيس خبر ناهي ته ڪير مناسب ٿيندو، هڪجهڙائي سبب شايد شبير جان اهو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پر صدر زرداري جي ڪردار لاءِ وڏي ڳولا کانپوءِ ئي ڪنهن کي چونڊيو ويندو ۽ فيصلو ڏسندڙن تي ڇڏبو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.