ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پهرين جنوري تي موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ان ڏينهن سموريون بينڪون ۽ مالياتي ادارا عوامي ڏي وٺ لاءِ بند رهندا.
اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءُ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پهرين جنوري 2026 (خميس) تي بينڪ جي موڪل سبب عوام سان ڪنهن به قسم جي ڏي وٺ ممڪن نه هوندي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ان ڏينهن سموريون بينڪون، ترقياتي ۽ مالياتي ادارا عوامي ڏي وٺ لاءِ بند رهندا پر انهن ادارن جا ملازم معمول موجب آفيسن ۾ حاضر ٿيندا.
You might also like