”انشاءَ الله هڪ هزار گول مڪمل ڪندس“، رونالڊو جي وڊيو وائرل

دبئي (ويب ڊيسڪ) پرتگالي ليجنڊ ڪرسٽيانو رونالڊو لڳاتار ٽيون ڀيرو وچ اوڀر لاءِ سال جي بهترين فٽبالر جو اعزاز ماڻي ورتو.
پرتگالي اسٽار کي دبئي ۾ ٿيل ”گلوب سوڪر ايوارڊز“ تقريب دوران لڳاتار ٽيون ڀيرو سال جو بهترين فٽبالر قرار ڏنو ويو.
سال 2025 دوران رونالڊو سمورن مقابلن ۾ گڏيل طور 40 گول اسڪور ڪيا، جيڪي سندس شاندار فارم ۽ مستقل مزاجيءَ جو واضح ثبوت آهن.
هو هن وقت سعودي عرب جي النصر ڪلب جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سندس معاهدو 2027ع جي وچ تائين جاري رهندو.
ايوارڊ وٺڻ وقت چاليهه ورهين جي اسٽار فٽبالر جذباتي تقرير ڪئي ۽ چيو ته وڌيڪ کيڏڻ ٿورو ڏکيو آهي، پر سندس حوصلو اڃا به بلند آهي ۽ هو وڌيڪ کيڏڻ لاءِ تيار آهي.
رونالڊو چيو ته ”وچ اوڀر ۾ کيڏان يا يورپ ۾، ان کان هٽي ڪري مان فٽبال کيڏڻ، گول ڪرڻ ۽ ٽرافيون کٽڻ پسند ڪندو آهيان.“
هن وڌيڪ چيو ته ”توهان سڀ ڄاڻو ٿا ته منهنجو مقصد ڇا آهي، مان وڌيڪ ٽرافيون کٽڻ چاهيان ٿو ۽ هڪ هزار گول ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن انجري نه ٿي ته مان هڪ هزار گول ضرور مڪمل ڪندس، انشاءَ الله.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.