ٽرمپ جون نيتن ياهو سان گڏجي حماس ۽ ايران کي سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون

فلوريڊا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ حماس تي زور ڏنو آهي ته هٿيار ڦٽا ڪري نه ته ان کي ڳري قيمت چڪائڻي پوندي.
اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو سان گڏ فلوريڊا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ حماس تي هٿيار ڦٽا نه ڪرڻ جو الزام هڻندي چيو ته اسرائيل پنهنجي طرفان معاهدي تي قائم آهي، حماس سنگين نتيجن کي دعوت ڏئي رهي آهي، ان کي گهٽ وقت ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻا پوندا.
هن ايران کي به خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ان جوهري پروگرام يا بيلسٽڪ ميزائل ٺاهڻ جو ڪم بحال ڪيو ته آمريڪا ان تي هڪ ٻئي وڏي حملي جي حمايت ڪندو.
سندس چوڻ هو مان پڙهي رهيو آهيان ته ايران هٿيارن ۽ ٻين شين کي ٻيهر گڏ ڪري رهيو آهي ۽ انهن سائٽس کي استعمال نه پيو ڪري، جن کي اسان ختم ڪري ڇڏيو هو پر امڪاني طور تي مختلف سائٽس استعمال ٿي رهيون آهن، اسان کي خبر آهي ته اهي سڀ ڪجهه ڪٿي ڪري رهيا آهن ۽ اميد ته مُڙي ويندا، ڇو ته اسان بي ٽو تي ٻارڻ ضايع نٿا ڪرڻ چاهيون.
ٽرمپ گذريل حملي ۾ استعمال ٿيندڙ بمبار جهاز جو حوالو ڏيندي چيو ته ٻنهي پاسن کان 37 ڪلاڪن جو سفر آهي ۽ مان وڌيڪ ٻارڻ ضايع نٿو ڪرڻ چاهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.