اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي ٿرپارڪر ضلعي جو دورو ڪيو، جتي هن انصاف جي فراهمي ۽ عدالتي نظام جي معاملن جو جائزو ورتو.
پڌرائيءَ موجب چيف جسٽس اها فيلڊ وزٽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين جي حيثيت سان ڪئي، ان موقعي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس به ساڻس گڏ هو.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته اهو دورو آئين ۾ ڏنل برابري، شموليت ۽ پرامن گڏيل بقا جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.
چيف جسٽس ننگرپارڪر جي سول ڪورٽ ڪامپليڪس ۾ عدالتن جي ڪم جو معائنو ڪيو ۽ عدالتي وقار کي برقرار رکڻ لاءِ عوامي سهولتن جي فراهمي تي زور ڏنو.
چيف جسٽس عورتن جي سهولتن جي مرڪز، صاف پاڻي جي فراهمي، سولرائيزيشن ۽ اي لائبريري جهڙين سهولتن کي ساراهيو.
ان کانسواءِ چيف جسٽس سان مختلف بار ايسوسيئيشنز جي نمائندن به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ انصاف جي فراهمي لاءِ بينچ ۽ بار وچ ۾ تعميري سهڪار تي زور ڏنو ويو.
پڌرائيءُ موجب چيف جسٽس ڪاسٻو مندر ۽ چوريو جبل درگا ماتا مندر جو به دورو ڪيو، جتي مذهبي آزادي ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.
چيف جسٽس مٺي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ڪامپليڪس ۾ عدالتي معاملن جو جائزو وٺندي ڪيس مينيجمينٽ، انفرا اسٽرڪچر ۽ عورت دوست سهولتن جو معائنو ڪيو.
پڌرائيءَ موجب اهو دورو لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سڌارن ۽ فيلڊ بيسڊ عمل جو حصو آهي.
You might also like