پئرس (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور هالي ووڊ اداڪار جارج ڪلوني، سندس زال ۽ ٻارن فرانسيسي شهريت حاصل ڪري ورتي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، سرڪاري دستاويزن مان اداڪار ۽ سندس ڪٽنب جي فرانسيسي شهريت حاصل ڪرڻ جي تصديق ٿي آهي.
فرانس جي سرڪاري گزٽ ۾ شايع ٿيل هڪ نوٽيفڪيشن موجب، ڊسمبر جي شروعات ۾ جارج ڪلوني آمريڪا سان گڏ فرانس شهريت پڻ حاصل ڪئي.
واضح رهي ته هالي ووڊ اداڪار فرانس جي رازداري ۽ پرائيويسي وارن قانونن جي واکاڻ ڪئي هئي، جيڪي سندس ڪٽنب کي پاپارازي يا پيڇو ڪندڙ فوٽوگرافرز کان محفوظ رکن ٿا.
ميڊيا رپورٽن موجب، 64 ورهين جي اداڪار آر ٽي ويل ريڊيو کي ٻڌايو ته ”مون کي فرانسيسي ثقافت ۽ ٻولي پسند آهي، پر اها ٻي ڳالهه آهي ته چار سئو ڏينهن جي ڪورس کان پوءِ به مان ٻولي ڳالهائڻ ۾ بُرو آهيان.“
ٻٽي شهريت رکندڙ جارج ڪلوني جو يورپ سان گهرو تعلق آهي، هن 2014ع ۾ برطانوي شهري امل سان شادي ڪئي، جنهن جو اباڻو وطن لبنان آهي ۽ هوءَ انساني حقن لاءِ سرگرم وڪيل آهي.
جارج ڪلوني جي گهرواري امل رواني سان فرانسيسي ڳالهائيندي آهي.
You might also like