سنڌ ڪابينا: صنعتي علائقن جي ترقي لاءِ 2.9 ارب رپين جي منظوري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا صنعتي علائقن جي ترقي لاءِ 2.9 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي.
اجلاس دوران ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت صنعتي ترقي لاءِ پرعزم آهي، ڪراچي جي سڀني صنعتي علائقن جي روڊن ۽ پاڻي جي نيڪالي جي نظام جي مرمت ڪئي ويندي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي ٻئي انڊسٽريل اسٽيٽس لاءِ الڳ پيڪيج جو اعلان ڪندي، 23 ضلعن ۾ عوامي ڪچهرين جو اهتمام ڪيو ويندو، جنوري جي ٻئي هفتي کان ٻيهر عوامي ڪچهريون شروع ڪيون وينديون.
وڏي وزير سڀني کاتن کي عوامي شڪايتن جو ازالو ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ شڪايتن جو ازالو نه ٿيڻ تي لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.