لنڊن (ويب ڊيسڪ)انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي هڪ ٻيو ڌچڪو لڳي ويو، فاسٽ بالر گس ايٽڪنسن هيمسٽرنگ انجري سبب ايشز سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) موجب، ايٽڪنسن سيريز جي آخري ٽيسٽ مان آئوٽ ٿيو، جڏهن ته هو ايم سي جي ۾ آسٽريليا خلاف ٻي اننگز ۾ پنجين اوور کانپوءِ ميدان مان ٻاهر هليو ويو هو.
گس ايٽڪنسن کان اڳ فاسٽ بالر مارڪ ووڊ ۽ جوفرا آرچر به انجري سبب ايشز سيريز مان ٻاهر ٿي چڪا آهن.
واضح رهي ته انگلينڊ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏيل روايتي باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيو هو، پر پنج ٽيسٽ ميچن تي سيريز ۾ آسٽريليا کي 3-1 جي فيصلائتي سرسي حاصل آهي.
ڏُکي کي ڏُک به گهڻا، ووڊ ۽ آرچر کانپوءِ انگلينڊ جو هڪ ٻيو اهم فاسٽ بالر انجري سبب ايشز مان آئوٽ
You might also like