ارشد نديم کي گلوبل بريڪ ٿرو ايٿليٽ آف دي ائير جو ايوارڊ ملي ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم کي دبئي جي حڪمران سان منسوب شيخ محمد بن زايد ايوارڊ سان نوازيو ويو.
دبئي ۾ 17 هين ورلڊ اسپورٽس سمٽ دوران راندين جي دنيا جي مشهور شخصيتن جي موجودگيءَ ۾ اولمپڪ جيولن ٿرو چيمپئن ارشد نديم کي ” گلوبل بريڪ ٿرو ايٿليٽ آف دي ائير“ جي ايوارڊ سان نوازيو ويو.
دبئي جي حڪمران جي پٽ شيخ منصور بن محمد بن راشد المختوم ارشد نديم کي شيخ محمد بن زايد ايوارڊ ڏنو.
ياد رهي ته ارشد نديم 2024 واري پئرس اولمپڪس ۾ 92.97 ميٽر جي ٿرو ڪري جيولن مقابلن ۾ گولڊ ميڊل کٽيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.