چين تائيوان جي چوڌاري تاريخ جون سڀ کان وڏيون فوجي مشقون شروع ڪري ڇڏيون

بيجنگ (ويب ڊيسڪ)چين سومر ڏينهن تائيوان جي چوڌاري تاريخ جي سڀ کان وڏي فوجي مشقن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، انهن مشقن جو مقصد ڪنهن امڪاني تڪرار جي صورت ۾ تائيوان کي ٻاهرين مدد کان محروم رکڻ واري صلاحيت جو مظاهرو ڪرڻ آهي.
چين جي ايسٽرن ٿيٽر ڪمانڊ موجب، ”جسٽس مشن 2025“ نالي مشقن تحت فوجي دستا، جنگي ٻيڙا، جنگي جهاز ۽ توپخانو مقرر ڪيو ويو آهي.
مشقن ۾ تائيوان جو گهيراءُ، زميني ۽ سامونڊي هدفن تي سڌي فائرنگ، فرضي حملا ۽ اهم بندرگاهن جي ناڪابندي جون مشقون به شامل آهن.
چين جي ميري ٽائيم سيفٽي ايڊمنسٽريشن موجب، لائيو فائرنگ جون مشقون اڱاري تائين ستن علائقن ۾ جاري رهنديون، جيڪي مجموعي دائري ۽ تائيوان جي ويجهو هئڻ جي لحاظ کان هينئر تائين جون سڀ کان وڏيون مشقون آهن.
تائيوان جي بچاءُ واري وزارت موجب، ٻيٽ جي چوڌاري 89 چيني فوجي جهاز، 14 جنگي ٻيڙا ۽ 14 ڪوسٽ گارڊ ٻيڙيون سرگرم آهن، جڏهن ته اولهندي بحرالڪاهل ۾ وڌيڪ چار جنگي جهاز به ڏٺا ويا آهن.
بچاءُ واري وزارت چيو ته تائيوان جي فوج هاءِ الرٽ تي آهي ۽ جيڪڏهن مشقون حملي ۾ تبديل ٿيون ته فوري چرپر لاءِ ريپڊ رسپانس ايڪسرسائزز ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.