باجوڙ (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي باجوڙ ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران پنج ڀارتي اسپانسرڊ خارجي مارجي ويا، جڏهن ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر عديل زمان شهيد ٿي ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، باجوڙ ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران ڀارتي اسپانسرڊ پنج خارجي ماريا ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر عديل زمان شهيد ٿي ويو، سندس تعلق ڊيرا اسماعيل خا سان هو.
آءِ ايس پي آر موجب، ميجر عديل زما فرنٽ تان فوجي جوانن جي قيادت ڪئي ۽ دهشتگردن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻي.
آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل خارجين جي قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو، ۽ اهي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪاررواين ۽ شهرين جي قتل ۾ به ملوث هئا.
باجوڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 5 ڀارتي اسپانسرڊ خارجي مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر شهيد
You might also like